ٿائيرائيڊ گلينڊ

ٿائيرائيڊ گلينڊ: انساني جسم ۾ گلي اندر پوپٽ نما هڪ غدود موجود هجي ٿو، جنهن کي ٿائيرائيڊ گلينڊ (Thyroid gland) چئبو آهي. هن غدود جو بنيادي ڪم کاڌي ذريعي ملندڙ توانائي کي قابو (ڪنٽرول) ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري ٿائيرائيڊ گلينڊ جي ڪم ڪار ۾ ڪا به رنڊڪ پئجي وڃي ته مختلف قسمن جا مرض لڳڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي، جڏهن ته وڌندڙ عمر ۽ پيريءَ ۾ هن غدود جي ڪارڪردگيءَ متاثر ٿيڻ عام ڳالهه آهي. عام طور تي هن غدود جي غير فعال ٿيڻ جون پنج بنيادي علامتون آهن. جن ۾؛ وزن ۾ بي سبب اضافو ٿيڻ، ڀرپور ننڊ ڪرڻ باوجود سڄو ڏينهن سستي ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيڻ، هر وقت ذهني دٻاءَ يا بي چيني جو شديد احساس ٿيڻ، مستقل قبض ۽ گيس سبب پيٽ جو ڦوڪجي وڃڻ يا مسلسل بدهضمي رهڻ، مزاج ۾ بار بار تبديلي اچڻ وغيره شامل آهن. (حوالو: جنگ سنڊي مئگزين- هيلٿ اينڊ فئٽنس)


لفظ ٿائيرائيڊ گلينڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو